اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس جي حقيقتن کان هٽي ڪري تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ اُن کي غلط طريقي سان پيش ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڀارت بابت پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي جن??ن تي قومي اتفاق ر??ءِ آهي، پاڪستان سدائين ڀارت سميت پنهنجي پاڙيسرين سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو ??واهشمند رهيو آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرارن سميت سمورا حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ ل??ءِ مسلسل تعميري ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي وڪالت ڪئي آهي، تنهن هوندي به ڀارت پنهنجي دشمني ۽ رجعت پسنداڻي قدمن سان ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي روڪيو آهي، ڀارت تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين ل??ءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ ضروري ق??م کڻي، ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جو ??والو ڏيندي پاڪستان جو موقف واضح طور تي بيان ڪيو ۽ ڀارتي قدمن کي ڪشميري عوام جي حقن تي حملو قرار ڏنو، پرڏيهي وزير ان سان گڏوگڏ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو ??ه ذڪر ڪيو جنهن ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين ل??ءِ هڪ غير ساز ماحول پيدا ڪيو آهي، پرڏيهي وزير جي ريمارڪس کي تڪرارن جي حل ل??ءِ ان جي اهم پيغام جي مجموعي تناظر ۾ بهتر طور تي سمجهيو ويندو آهي جن??ن تي هن ٿنڪ ٽينڪ جي تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ زور ڏنو هو.
ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن