اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي اس??مبلي جي ڊپٽي اس??يڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ??ڏي?? آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ قرار ڏ??و آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اس??يڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي منافي آهي، قومي اس??مبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي اس??مبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، قومي اس??مبلي 3 اپريل 2022ع جي پوزيشن تي بحال ڪئي وڃي ٿي، نگران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ قرار ڏ??و آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ قرار ڏ??و آهي ته وزيراعظم اس??مبلي تحليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وزيراعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اس??يڪر قومي اس??مبلي جو 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به قومي اس??مبلي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تنهن هوندي به پارٽي کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏ??و آهي ته اس??يڪر ڇنڇر تي قومي اس??مبلي جو اجلاس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ته فوري نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي وڃي، لکت وارو حڪم نامي بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
سپريم ڪورٽ پاران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ آئين جي خلاف قرار ڏيئي ڪالعدم قرار، 9 اپريل تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب