اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چ??ن جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي ۾ چيني شهر??ن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چونچوئي ۽ آفيسرن سان ڳالهائيندي صد?? چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم کي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي ۽ هو پنهنجي چيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان چيني شهر??ن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان ڪڌي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، صد?? واقعي جي پرزور مذمت ڪندي چيو ته اسان جي دشمنن جا ناپاڪ ارادا ان جي پويان آهن جيڪي پاڪ چين دوستي ۽ ۽ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا پر اهي پنهنجي انهن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي هموار آهي ۽ هو سدا بهار دوستي کي سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. هن ناظم الامور کي چيو ته هو چيني عوام، ڪميونسٽ پارٽي ۽ صد?? شي جن پنگ تائين به اها دلي تعزيت پهچائي. ناطم الامور سفارتخاني جو دورو ڪرڻ ۽ چ??ن جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صد?? جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مستقبل جا حامل آهن ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي ۽ ويجهي تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي، هن حملي جي مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان واقعي جي پردي پويان ڏوهار??ن کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، ان کانپوءِ صد?? سفارخاني جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صد?? چيو ته چيني عوام سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو، پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ ڀائراڻي دوستي ۽ عوام جي سطح تي گهرا لاڳاپا هموار آهن، هن چيو ته ٽن چيني شهر??ن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان ائين لڳي ٿو ته اسان پنهنجي پاڪستاني رشتيدارن کي وڃايو آهي، ان المناڪ واقعي تي چ??ن جي صد?? شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه ۽ چيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. صد?? چيو ته پاڪستان ۽ چ??ن جا گهرا دوستاڻا لاڳاپا اسان جي دشمنن لاءِ خطرو آهن ان لاءِ هو چين پاران اسان جي مدد، بي آر آئي ۽ سي پيڪ جي ذريعي چ??ن جي امن ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي پويان آهن، تنهن ڪري جتي به دهشتگرد آهن اسان کي انهن جي ناپاڪ ارادن کي گڏجي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي. بنا شڪ جي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تنهن هوندي به اهو واقعو رونما ٿيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آهي، صد?? چ??ن کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، هن پاڪستان ۾ چيني شهر??ن جي خدمتن ??ي ساراهيندي چيو ته اسان کي ٽيڪنالاجي، ثقافت، زبان، ڪميونيڪيشن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، هي ٽئي چيني شهري چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪميونيڪيشنز اسڪلز ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا، اسان خاطري ڪرايون ٿا ته پنهنجي شهرين وانگر چيني شهر??ن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين.
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڪراچي واقعو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آهي، ان واقعي ۾ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ وارا عنصر شامل آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : apostas quina