اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻه?? کي روز مره جي ضروري شين تي سب??ڊي ڏئي رهيا آهيون، وڌ کان وڌ غريب گهر?? کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس راشن پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سميت لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪ??مت عام ماڻه?? کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي تڪليفن جي خبر آهي اسان غريب ماڻه?? کي روز مره جي ضروري شين تي سب??ڊي ڏئي رهيا آهيون، ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس راشن پروگرام تحت ملڪ جي ان 2 ڪروڙ گهر?? کي اٽو، گيهه ۽ دالين تي هڪ هزار روپين جي ماهوار سب??ڊي ڏني پئي وڃي، جنهن جي ماهوار آمدني 50 هزار روپين کان گهٽ آهي، وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام 15 ڊسمبر کان سڄي ملڪ ۾ ??رو?? ڪيو ويندو، پروگرام تحت ڪريانه اسٽورن جي رجسٽريشن جاري آهي ۽ هن وقت تائين 15 هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽور رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ وڌ کان وڌ غريب گهر?? کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن ان سلسلي ۾ ڪريانه اسٽورن ۽ ممڪنه فائدو وٺندڙن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪ??مت جي عملدار?? کي به متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará