ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ??هي ته معاشري جي سمورن طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، نئين نسل خير جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ سان گڏوگڏ بدعنواني جي خلاف اٿي، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جا اصول اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، ٻار پنهنجي ۽ ماحول جي صفائي جو خاص خيال رکن. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسڪائوٽس سنڌ ج?? اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه ??لو?? ، پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي چيف ڪمشنر سرفراز قمر، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي ڪمشنر اسڪائوٽ سيد ممتاز علي شاهه، سڄي ملڪ مان مختلف اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي نمائندن، اسڪائوٽس ۽ خصوصي اسڪائوٽس شرڪت ڪئي. صدر چيو ??ه اسڪائوٽس هڪ تربيتي تحريڪ آهي جيڪا تنظيم، نظم ۽ نسق ۽ خدمت جي تربيت فراهم ڪندي آهي. هن ان موقعي تي اسڪائوٽس ۾ پنهنجي شموليت ۽ ان تحريڪ سان جڙيل پنهنجي يادن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي ??ڌا??و، صدر ٻارن کي صفائي، سٿرائي ۽ صحتمند ماحول ج?? اهميت کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻارن کي پنهنجي ۽ ماحول جي صفائي جي نصيحت ڪندي چيو ??ه ماحول کي صاف رکڻ لاءِ وڻن جي تمام گهڻ?? اهميت آهي. وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪيو ??هي. ٻارن کي پاڻ به ٻوٽا لڳائڻ گهرجن ۽ پنهنجي مٽن مائٽن کي به ٻوٽا لڳائڻ لاءِ قائل ڪرڻ گهرجي.
معاشري جي سمورن طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ