اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورت پا??ليامينٽ ميمبرن ۽ ميڊيا تي زور ڏنو آهي ته هو معاشري ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن، حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي عورت پا??ليامينٽرين کي خطاب ڪندي هن چيو ته آڪٽوبر ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي جو مهينو آهي ۽ معاشري ۾ اڳواڻن جي حيثيت س??ن عورت ميمبرن تي وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ته هو ان بيماري جي باري ۾ معاشري ۾ شعور اجاگر ڪن. صدر ان مرض جي جلد سڃاڻپ، روڪٿام ۽ علاج جي ضرورت تي زور ڏيندي ا?? کي اعليٰ ترجيح قرار ڏنو، هن چيو ته ان حوالي س??ن عورتون پنهنجو جائزو پاڻ وٺن ۽ رهنمائي حاصل ڪن، ان مرض جي سڃاڻپ ۽ علاج نه ٿي سگهيو ته هي جسم جي ٻين حصن تائين پکڙجي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ