اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري وٺندا، اليڪشن ڪميشن جو ڪم مڪمل ٿيڻ ک??نپ??ءِ 13 کان 14 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو، آئين موجب اليڪشن ڪميشن نتيجن جي اعلان ک??نپ??ءِ 21 ڏينهن جي اندر اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لازمي آهي، 15 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ آئيني گهرج آهي،. هو نيشنل آرڪائيو جي دوري ک??نپ??ءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ چونڊ ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ڪميشن جون 7 ذميداريون آهن جنهن ۾ سڀ کان پهرين ذميداري اليڪشن نتيجا جوڙڻ آهي جنهن ک??نپ??ءِ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ، نوٽيفڪي??ن ک??نپ??ءِ 10 ڏينهن جي اندر اميدوارن جي چونڊ خرچن جا گوشوارا جمع ڪرڻ، آزادي اميدوارن کي ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وقت فراهم ڪرڻ، پارٽي جون لسٽون جاري ڪر??، عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽون جاري ڪرڻ آهي.
اليڪشن ڪميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري وٺندا: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria