حويليان – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم لي?? (ن) سڄي ملڪ ۾ سوين ترقياتي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا جيڪو ملڪي تاريخ ۾ بي مثال ڪارنامو آهي، م??لم لي?? (ن) عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، 25 جولاءِ تي عوام سوچي سمجهي ۽ پنهنجي ضمير موجب اسان جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي. هن اها ڳالهه 120 ڪلوميٽر ڊگهي حويليان – ٿاڪوٽ موٽر وي جو افتتاح ڪندي چئي جيڪو پاڪ چين اقتصادي راهداري جو اهم حصو آهي، وزيراعظم چيو ته محمد نواز شريف جي ويزن جي پيروي ڪندي پارٽي پنهنجي سمورن واعدو کي پورو ڪي?? آهي. اسان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي تي يقين رکون ٿا، وزيراعظم چيو ته مسلم لي?? (ن) پنهنجي پنج سالا دور ۾ پرعزم انداز ۾ عوام جي خدمت ڪئي ۽ ملڪ جي گ??ٽ ترقي يافته ۽ ڏورانهن علائقن تي ڌيان ڏيندي حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ محنت ۽ شوق سان ڪم ڪي??.
مسلم ليگ (ن) سوين ترقياتي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات