بيجنگ-13 سيپٽمبر (اي پي پي)چين چيو آهي ته غزه ۽ يوڪرين جنگين جو واحد حل ڳالهيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي دفاع واري وزير ڊونگ جون جمعي ڏينهن بيجنگ ۾ شيانگ شان فو??م جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هاٽ اسپاٽ مسئلن جهڙوڪ يوڪرين بحران ۽ اسرائيل – فلسطين تڪرارن کي ح?? ڪرڻ جو واحد رستو امن ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ آهي. هن فو??ي عملدارن جي عالمي اجتماع دوران سمورن ملڪن تي زور ڀريو ته هو پرامن ترقي ۽ جامع طرز حڪمراني کي هٿي ڏين. هن چيو ته نئين ٽيڪنالاجيز انسان ذات کي بهتر فا??دو پهچائي سگهي ٿي. شيانگ شان فو??م لاءِ ڪالهه سوين نمائندا بيجنگ ۾ موجود هئا، فو??م ٽن ڏينهن ۾ 90 کان وڌيڪ ملڪن ۽ تنظيمن جي 500 کان وڌيڪ نمائندن جي ميزباني ڪندو. فو??م دوران روس، پاڪستان، سنگاپور، ايران، جرمني ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ فو??ي نمائندا گول م??ز مباحثن ۾ شرڪت ڪندا. بحث جي موضوعن ۾ آمريڪا – چين لاڳاپا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سيڪيورٽي ۽ گهڻ قطبي دنيا ۾ دفاع جا چئلينج شامل هوندا. فو??م ۾ آمريڪا دفاع واري وزير جو نائب مددگار مائيڪل چيس به شرڪت ڪري رهيو آهي.
غزه ۽ يوڪرين جنگين جو واحد حل ڳالهيون آهن: چين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن