جنيوا-17 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ سلامتي ڪائونسل ??رف??ن غزه جي پسگردائي ۾ اسرائيل جي گهيراءَ ۽ ويڙهه کي ??وڪڻ ??ي فيصلي جي آجيان ڪندي تڪراري ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي خوفناڪ صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سياسي رستو اختيار ڪن. هن اتي گذريل 5 هفتن جي جاري ويڙهه ۾ شهرين کي وڏي پيماني تي نشانو بڻائڻ جي پڻ سخت مذمت ڪئي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين لاءِ اسرائيل کي ??وا??ده قرار ڏيڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته اسپتالن، اسڪولن، بازارن ۽ بيڪرين تي ثيل حملن سان گڏوگڏ غزه تي اسرائيل جي ناڪابندي ۽ گهيراءَ جي صورت ۾ اجتمائي سزائون عالمي انساني قانون تحت پابندي پيل آهن. جنيوا ۾ ميمبر ملڪن ۽ صحافين کي ??ريفنگ بعد انڪليو ۾ مايوس ڪن انساني صورتحال کي ??طاب ڪندي هن غزه شهر جي گهيراءَ هيٺ آيل الشفا اسپتال ۾ ڪيترن ئي مريضن ??ي فوتگي ۽ غزه پٽي ۾ صحت جي مرڪزن تي حملن ۾ واڌ کي پڻ اجاڳر ڪيو. هن تڪراري ڌرين تي پڻ زور ڀريو ته هو فوري طور تي سلامتي ڪائونسل جي سڏ تي عمل ڪن. جنگي ڏوهن جي تحقيقات، انصاف ۽ احتساب جي ضرورت جي حوالي سان صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سمورين ڀڃڪڙين جي شاهدين کي ??ستاويزي شڪل ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته غزه بحران ان رياستن جي حدن کان ٻاهر پڻ پکڙيل آهي جيڪو خطرناڪ آهي. هن وڌيڪ پولرائيزيشن جي ڄار خلاف خبردار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان مان هر ڪنهن کي گڏيل بنياد تي ان مسئلي جو حل ڳولڻ جي ضرورت آهي.
سلامتي ڪائونسل طرفان غزه جي گهيراءَ ۽ جنگ بندي بابت فيصلو سٺو قدم قرار، ڌريون خوفناڪ صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سياسي رستو اختيار ڪن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی