مونٽريال-08 نومبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي ۽ ان قدم کي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائ??ن جي آمريڪي حمايت جي خلاف احتجاج قرار ڏنو آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ روپي ڪور چيو ??ه هو اهڙي اداري طرفان ڪنهن به دعوت کي رد ڪري ٿي جيڪو شهرين کي اجت??اع?? سزا ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن ڏکڻ ايشيا جي رهواسين کي به اپيل ڪئي ته هو غزه ۾ هزارين شهر??ن جي قتل جي حمايت تي آمريڪي حڪومت کي جوابده بڻائين. روپي ڪور وڌيڪ چيو ??ه کيس صدر جوبائي??ن جي انتظاميه طرفان وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جو ڏڻ جنهن کي هندو روشن??ن جو تهوار چوندا آهن ۽ جيڪو ڪوڙ تي سچ ۽ جهالت تي علم جي فتح جو جشن آهي، ملهائڻ ڪيئن قابل قبول ??هي. هن آمريڪي حڪومت تي فلسطينين خلاف نسل ڪشي جو جواز پيش ڪرڻ جو الزام لڳايو، هن صدر جوبائي??ن جي انساني بنيادن تي جنگ بندي جي حمايت ڪرڻ کان انڪار تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ??ه گڏيل قومن طرفان غزه ۾ جنگ بندي جي حمايت با??جود آمريڪا ان جنگ بندي جي مخالفت ڪئي آهي. وائيٽ هائوس ۾ منعقد ٿيندڙ ديوالي جي ان تقريب جي ميزباني آمريڪا جي ڀارتي ڄائي نائب صدر ڪملاهيرس ڪري رهي آهي جنهن اڃان تائين روپي ڪور جي انهن رمارڪس تي ڪو به تصبرو ناهي ڪيو.
اسرائيل جي حمايت خلاف احتجاج، ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون