لاهور – 27 نومبر (اي پي پي ) مشهور افسانه نگار بانو قدسيه جو 96 هون جنم ڏينهن 28 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. راجه گدهه جهڙي شاهڪار ناول جي ليکڪه بانو قدسيه 28 نومبر 1928ع تي اوڀر پنجاب جي ضلعي فيروزپور ۾ پيدا ٿي ۽ هندستان جي ورهاڱي بعد لاهور اچي وئي. اردو ادب سان تمام گهڻي لڳاءَ سبب هن اردو ۾ ڪيترائي ناول لک??ا جنهن ۾ راجه گدهه ۽ امر بيل ايترا ته گهڻا مشهور ٿ??ا جو سندس نالو بهترين ناول نگارن ۾ شامل ٿي ويو. بانو قدسيه اسٽيج شو ۽ ٽيلي ويزن لاءِ پڻ پنجابي ۽ اردو زبان ۾ ڊرامه اسڪرپٽ لکندي هئي. سندس پهترين لکڻي ۽ ادب ۾ بهترين ڪارڪردگي تي 1983ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان کيس هلال امتياز ۽ 2010 ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته هن 2012ع ۾ ڪمال فن ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو. بانو قدسيه ش??يد بيماري سبب 4 فيبروري 2017ع تي لاڏاڻو ڪري وئي.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش