اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي ??ي) وق??ي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ وفاقي سطح تي محتسبين جي حڪمن جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن نمائندگين تي ڪارروائي ۽ فيصلو ڪرڻ جي لاءِ صدر پاڪستان پاران نامزد ڪيل جسٽس (ر) عرفان قادر پڻ موجود هو. انهن نمائندگين ۾ وفاقي محتسب، ڪم جي جڳهه تي هراسان ڪرڻ جي خلاف تحفظ جي لاءِ وفاقي محتسب ۽ وفاقي انشورنس محتسب بابت معاملا شامل هئا. ٻڌڻي کانپوءِ وق??ي صدر چيو ته گذريل ڇهن مهينن ۾ صدر پنهنجي نامزد ڪيل نمائندي جي ذريعي سوين ڪيسن جو فيصلو ڪيو آهي جن ۾ ايگزيڪيوٽو جي بدانتظامي تي غريبن، بيواهن، معذور ماڻهن بشمول اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ريليف فراهم ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته تازن ڏينهن ۾ ڪيسن جو اهڙي طرح فوري طور تي اڪلائجڻ بي مثال آهي. وق??ي صدر چيو ته شهرين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ٽيڪسيشن ۽ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ پڻ وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪيو ويو. هن چ??و ته وفاقي سطح تي محتسب جا ادارا بشمول صدر جي نامزد ڪيل اعليٰ ترين فورم وفاقي حڪومت جي سمورن ادارن، خودمختيار ادارن ۽ ٻين قومي اهميت جي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن سان لاڳاپيل معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو جي بدانتظامي جي خلاف عام ماڻهن کي ريليف فراهم ڪيو آهي. اهڙي طرح هر سال ٻه لک کان وڌيڪ ڪيسن جو فيصلو ٿي رهيو آهي جتي صدر پاڪستان سڀ کان وڏو فورم آهي. وق??ي صدر چيو ته مي??يا کي ماڻهن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته وفاقي سطح تي محتسب جون آفيسون قائم ڪرڻ جي ذريعي وڏي انگ ۾ شڪايتن جو اڳ ۾ ئي ازالو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ جو به ازالو ڪيو ويندو.
وقتي صدر پاران اسلام آباد ۾ وفاقي سطح تي محتسبين جي حڪمن جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania