اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ڀائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش کي هر??ز برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفارتخاني ويو ۽ هن پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ سان ملاقات ڪئي. وزيراع??م چيني سفير سان ڪراچي ۾ چيني قافلي تي دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي شديد ڏک جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي ذميوار ماڻهن جي جلد کان جلد سڃاڻپ جي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراع??م چيو ته پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ڀائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش کي هر??ز برداشت نه ڪيو ويندو، ان واقعي جي جاچ جي آئون ذاتي طور تي پاڻ نگراني ڪندس، غيرملڪين جي لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. چيني سفير ڪراچي ۾ دهشتگردي جي و??قعي کانپوءِ پاڪستان حڪومت پاران فوري ردعمل ۽ جاچ شروع ڪرڻ تي و??يراعظم جا ٿورا مڃيا. هن معاملي جي موثر جاچ، ذميوار دهشتگردن جي فوري سڃاڻپ ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ پاڪستان حڪومت تي اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته واقعي جي ذميوار ماڻهن کي جلد کان جلد قرار واقعي سزا ڏني ويندي. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي و??رو وفاقي و??ير ??حس?? اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ جي واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے