نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موق??ي تي نيپال جي وز??را??ظم ڪي پي شرما اولي سان ملاقات ڪئي آهي. ان موق??ي تي وز??را??ظم محمد شهباز شريف ڪي پي شرما اولي کي نيپال جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ گهري ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستاني عوام پاران نيپال جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم نيپال جي وز??را??ظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ ??ي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نيپال جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات