اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صدر پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، آرڊيننس سان عدالتي عمل ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي، ڪيسن جي ٻڌڻي مقرر مدي وقت تي ٿيندي، جيڪو ڪيس اڳ ۾ ايندو ان جي ٻڌڻي به اڳ ۾ ٿيندي، سمورا سڌارا عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??ڄ چين جي ??وئي گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ٿي. ان موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ چين جي ??وئي گروپ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون جنهن تحت روئي گروپ پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو. ه?? چيو ته روئي گروپ اڳ ۾ ئي 21 مهينن جي ??ڪارڊ مدي ۾ سي پيڪ تحت ساهيوال ڪول پراجيڪٽ مڪمل ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته هاڻي روئي گروپ پاڪستان جي ??ندر ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو، اهي ٽيڪسٽائيل پارڪس سنڌ ۽ پنجاب ۾ قائم ڪيا ويندا. ه?? چيو ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون جنهن تحت چين جو اهو وڏو گروپ ٽيڪسٽائيل پارڪس ۾ چين جي 100 کان وڌيڪ ڪمپنين کي ٽيڪسٽائيل يونٽس لڳائڻ جي ??عوت ڏيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته روئي گروپ پهرين مرحلي ۾ 2 رب ڊالر جي ??يڙپڪاري ڪندو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب ڊالر جي ??يڙپڪاري ڪئي ويندي، مجموعي طور تي 7 ارب ڊالر جي ??يڙپڪاري ٿيندي. ه?? چيو ته ٽيڪسٽائيل پارڪس ۾ هول سيل سينٽرز پڻ قائم ڪيا ويندا، مقامي طور تي 3 کان 5 لک ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا ۽ پاڪستان جي ??رآمدات ۾ پڻ اضافو ٿيندو. ه?? چيو ته اڳ ۾ ئي اسان جي ??رآمدات ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، رڪارڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان آيو آهي. ه?? چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشڊي ترقي جو سفر جاري رکيو آهي. وفاقي وزير چيو ته روئي گروپ پا??ان ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ سان پاڪستان ٽيڪسٽائيل جو حب ب??جي ويندو ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي ??رآمدات ٿيندي. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجرز آرڊيننس تي صدر صحيحون ڪري چڪو آهي، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري جي ??ريعي ان آرڊيننس جي منظوري ڏني هئي. ه?? چيو ته ان آرڊيننس تحت 184 (3) ۾ ايندڙ ڪيسز جو لکت طور ٻڌائڻو پوندو ته اهو عوامي اهميت جو معاملو ڇو آهي؟ ان حوالي سان هڪ باقاعده آرڊر جاري ڪيو ويندو ته 184 (3) تحت ڪو ڪيس ورتو ويو آهي ته ان ۾ ڪهڙي اهڙي ڳالهه آهي جو اهو عوامي اهميت رکندڙ ڪيس آهي. ه?? چيو ته آرڊيننس تحت 184 (3) جو جيڪو به آرڊر سپريم ڪورٽ وٽ ويندو، ان جي ??لاف اپيل جو حق به ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته ان آرڊيننس تحت جج ڪيس دو??ان جيڪا به ڳالهه ڪندا، ان جو متن لکيو ويندو ۽ اهو متن عوام جي لاءِ دستياب هوندو، ان سان عدالتي عمل ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي ۽ ماڻهو باقاعده ڏسي سگهندا ته ڪيس دو??ان ڪهڙا ريمارڪس پاس ڪيا ويا. ه?? چيو ته آئيني پئڪيج ۾ به عوام کي سهولت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. ه?? چيو ته آرڊيننس تحت هر ڪيس کي مقرر وقت تي ٻڌو ويندو، جيڪو ڪيس اڳ ۾ ايندو ان جي ٻڌڻي اڳ ۾ ٿيندي، بعد ۾ ايندڙ ڪيس جي ٻڌڻي به بعد ۾ ٿيندي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته بعد ۾ ايندڙ ڪيس اڳ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. ه?? چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ??ربراهي ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن ۾ طئي ڪيو ويو هو ته چيف جسٽس ان جي قيادت ڪندو ۽ اعليٰ عدليه جو جج ۽ ٿرڊ سينيئر ترين جج ان ۾ موجود هوندو ۽ اها ڪميٽي ڪيسز کي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪندي. ان ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس ڪميٽي جي ??ربراهي ڪندو، اعليٰ عدليه جا جج ان جا ميمبر هوندا ۽ ٽئين ميمبر جي لاءِ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي ??جز مان ڪنهن هڪ کي وقت بوقت شامل ڪري ڇڏيندو، ان جو سبب اهو آهي ته اڪثر ٽئين ميمبر جي ??دم دستيابي جي ڪري ڪيسز دير جو شڪار ٿيندا هئا. ه?? چيو ته 63 اي جو نظرثاني ڪيس اڄ تائين التوا جو شڪار آهي، اهو ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ئي نه ٿي سگهيو، اهو قومي نوعيت جو معاملو آهي، ان تي نظرثاني جي ??والي سان ڪو نه ڪو فيصلو اچڻ گهرجي ها، اهو آئين ۽ پارليامينٽ جي ??الادستي ۽ ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. ه?? چيو ته اهي سمورا سڌارا ۽ ترميمون عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪيون ويون آهن ۽ ان سان عدالتي عمل وڌيڪ شفاف ٿيندو. صدر آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جيڪو اهم سنگ ميل آهي. ان سان عام پاڪستاني جي ??ندگي ۾ بهتري ايندي ۽ عدليه ۾ التوا جو شڪار ڪيسز کي اڪلائڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته دنيا ۾ اسان جي ??دليه جي ??ينڪ پڻ بهتر ٿيندي.
صدر پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار