اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي اسان ٻاهرئين جارحيت جي خلاف ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۽ عظيم قربانيون ڏيندڙ غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن اسان کي پنهنجي خودمختياري جي دفاع طرف پختي قومي عزم جي ??اد ڏياري ٿو، آئون هن سرزمين جي انهن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو دشمن جو خواب ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي 6 سيپٽمبر 2024ع جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جي ??ٿياربند فوج قومي خودمختياري ۽ ملڪي سالميت کي درپيش ڪنهن به چئلينج جو جواب ڏيڻ جي ??اءِ چوڪس ۽ هر وقت تيار آهي، اسان جي ??وج مناسب دفاعي ساز ۽ سامان سان لي?? آهي، گهربل پيشيواراڻي مهارت رکڻ ۽ ملڪ کي سمورن چئلينجن کان بچائڻ جي ??اءِ پرعزم آهيون، اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سمورن پاڙيسرين سان پرامن گڏيل بقاءَ جا خواهشمند آهيون جڏهن ته ڪشميري عوام جي خراب حالت جو ازالو ڪري ئي خطي ۾ پائيدار امن ممڪن بڻائي سگهجي ??و، ننڍي کنڊ جي اڻ مڪمل ورڇ جي ڪري ڪشميري عوام کي ڀارتي هٿياربند فوج جي ??ٿان غيرقانوني قبضو ۽ دهشتگردي درپيش آهي، غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خودمختيار حيثيت جي خاتمي ان مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق بابت سلا??تي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته اڄ پاڪستان کي ڪيترائي خطرا ۽ سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ جي ??اءِ دشمن ملڪ پاڪستان مخالف عنصرن جي حمايت ڪري ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، انهن چئلينجز جي ڏس ۾ اسان جي ??ٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي ??اءِ پوري طرح تيار آهن، اسان دهشتگردي جي ??عنت کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهيون. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي بهادر فرزندن جي عزم، سگهه ۽ حب الوطني جي جذبي جي ??اد ملهايون ٿا، اڄ اسان وطن جي دفاع جي ??قدس فرض جي تڪميل ۾ هٿياربند فوج سان پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو وچن ڪريون ٿا، الله تعاليٰ پاڪستان جي حفاظت فرمائي ۽ اسان کي امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن فرمائي.
دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : بونانزا