راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 آگسٽ 2024ع جي وچ واري رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪيتريون ڪڌيون ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن عنصرن جي هداي?? تي ڪئي ويندڙ انهن بزدلاڻي دهشتگردي جي ڪاررواين جو مقصد بلوچستان جي پرامن ماحول ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ هو، جن ۾ خاص طور تي موسيٰ خيل?? قلات ۽ لسٻيلا ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. انهن واقعن جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا. موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن راڙاشم جي عام علائقي ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو جيڪي بلوچستان م پنهنجي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ جوابي ڪارروائي دوران 21 دهشتگردن کي ماريو جنهن ??ان مقامي آبادي جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو. جڏهن ته انهن ڪاررواين دوران 14 بهادر جوان جن ۾ 10 سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ 4 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل هئا، بهادري س??ن وڙهندي شهيد ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته انهن ڪڌي ۽ بزدلاڻي ڪاررواين جي منصوباسازن، ڏوهارين، سهولتڪارن ۽ معاونين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قوم ??ان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي س??وتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. ا??ان جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون ا??ان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena