بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته موجوده بحران جو واحد مستقل حل هڪ محفوظ، قابل عمل، لڳولڳ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۾ آهي جيڪا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي 15 هين سربراهي اجلاس جي تياري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل دشم??ي جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي قرارداد 2728 تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي. محمد اسحاق ڊار ٻه رياستي ??ل حاصل ڪرڻ کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع، شفاف ۽ ناقابل واپسي امن عمل جي جلد کان جلد ٻيهر شروعات تي ??ور ڏيندي چيو ته فلسطينين جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي ??و آءِ ??ي جي وزارتي ڪميٽي کي ٻيهر فعال ٿيڻ گهرجي. هن اسرائيل پاران طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال ۽ غزه جي غيرانساني گهيراءُ جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهين قتل ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ سميت جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي. هن ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ سفارتي ??مايت جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌندڙ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ??و آءِ ??ي جي گڏيل قدمن جي لازمي ضرورت تي ??ور ڏنو ۽ چيو ته اسلامو فوبيا جو اظهار سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ، تشدد ۽ اشتعال انگيزي جي وڌندڙ واقعن سان ٿئي ٿو جڏهن ته عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پنهنجي لاءِ هڪ واضح تفهيم ۽ پابندي جو تعين ڪيو آهي جنهن ۾ اينٽي سميٽيزم“ ۽ ”هولو ڪاسٽ ڊينائل“ سان لاڳاپيل مواد جي ذميواري شامل آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته گستاخانه ۽ اسلام مخالف مواد جي معاملي ۾ ائين نه ٿيو آهي جيڪو وسيع پئماني تي پريشا??ي جو سبب آهي. نائب وزيراعظم او آءِ ??ي تي ??ور ڏنو ته اها عالمي انفارميشن نيٽ ورڪس/ پليٽ فارمز خاص طور تي گلوبل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ??ثرانداز ٿيڻ جي لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي جوڙي. هن گستا??ان??، اسلام مخالف ۽ اسلامو فوبڪ مواد جي لاءِ مواد جي ضابطي جي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ کي هم آهنگ ڪرڻ تي ??ور ڏنو. تياري جي اجلاس دوران او آءِ ??ي جي پرڏيهي وزيرن سينيئر آفيشلز ميٽنگ (ايس او ايم) جي رپورٽ جي پڻ منظوري ڏ??ي جڏهن ته مختلف دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني وئي جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ ??ي سربراهي ڪانفرنس جو حتمي پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهن.
فلسطين جي موجوده بحران جو واحد مستقل حل هڪ محفوظ، قابل عمل، لڳولڳ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۾ آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ