ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? ۽ ??بنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان لبنان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صو??تحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر