اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي قدمن تحت يوريا ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، في ٻوري قيمت گهٽ ٿي 4451 رپيا ٿي وئي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ وڌيڪ نمايان گهٽتائي ايندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته زراعت اسان جي جي ڊي پي جو اٽڪل چوٿون حصو آهي، زراعت اهو شعبو ??هي جنهن ۾ اسان جي 40 سيڪڙو ليبر فورس ڪم ڪري ٿي، 2 لک 20 هزار ٽن يوريا ??ازو ئي درآمد ڪئي وئي. هن ??يو ته ربيع سيزن جي حوالي سان يوريا ڀاڻ جي دستيابي جو ڪاٿو 35 لک ٽن هو، شروعاتي بيلنس 77 هزار ٽن هو، 32 لک 80 هزار ٽن مقامي پيداوار هئي، يوريا ڀاڻ جا ٻه ڪارخانا جنوري کان مارچ تائين بند رهيا ??نهن جي ڪري مقامي پيداوار ۾ 2 لک 25 هزار ٽن گهٽتائي ٿي، فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم جي پيداوار ۾ گئس جي کوٽ جي ڪري يوريا ??ي پيداوار ۾ هن سال هڪ لک 80 هزار ٽن گهٽتائي ٿي. هن ??يو ته ٻاهرئين ملڪ مان ڀاڻ درآمد ڪرڻ جو فيصلو دير سان ٿيو جنهن جي ڪري قيمتن تي اثر پيو، هن وقت يوريا ??ي ڪافي مقدار دستياب آهي، ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري سان گڏجي 12 ڊسمبر کان روزاني جي بنياد تي ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت تي نظر رکي آهي، صوبن کي يوريا ??ي دستيابي وڌائي وئي آهي، صوبائي حڪومتون ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيون آهن. هن ??يو ته پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ 950 ايف آءِ آرز ۽ 104 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا ??هن، سنڌ حڪومت به ان ڏس ۾ قدم کنيا ۽ 4 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا، انهن سمورن قدمن سان يوريا ??ي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي. هن ??يو ته يوريا ??ي قيمت جيڪا 5 هزار رپيا في ٻوري کان وڌي وئي هئي هاڻي اها 4451 رپيا في ٻوري ٿي وئي آهي، برآمدي يوريا ??ا ٻه جهاز 95 هزار ٽن يوريا کڻي اچي ويا ??هن، نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽيڊ ان جي ڊسٽري بيوشن ڪري رهي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا ??ي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن ??يو ته ??زا??ت سوال نوٽ ڪيا ??هن، انهن سمورن جو تفصيلي جواب ??زا??ت ڏيندي.
موجوده حڪومت جي قدمن تحت يوريا ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال ۾ بهتري آئي آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن