اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بنا شڪ جي اقبال جي شاعري ۽ فلسفي ۾ اولين مخاطب مسلمان هئا پر سندس فڪر آفاقي ۽ همه گير آهي ۽ سندس پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ”فڪر اقبال ايڪهين صدي جي روشني ۾ عالم اسلام جي ??ن عظيم شاعرن اقبال ۽ محمد عاڪف“ جي ??وضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تعليم واري وفاقي نگران وزير چيو ته فڪر اقبال ۾ اڄ جي ??سئلن جو حل موجود آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ جمهوريت جي ??ضبوطي لاءِ اقبال جي سياسي فڪر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي ??الي سان منسوب هن يونيورسٽي ۾ فڪر اقبال تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ نه ??ڳو سڄي پاڪستان مان دانشور ۽ اقبال شناس شرڪت ڪري رهيا آهن پر مصر، ايران ۽ ترڪيه جا صاحب دانش به هتي موجود آهن، اقبال تي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. ڪانفرنس جو بندوبست اقباليات واري شعبي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ڪيو آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي ??ونيورسٽي انهن يونيورسٽين مان آهي جنهن ۾ اقبال جي ??ڪر ۽ شاعري کي سمجهڻ، اقبال جي تعليم کي واڌ ويجه?? لاءِ اقباليات شعبو ٺهيل آهي. هن چيو ته اسان ??ن شعبي جي ذريعي علامه اقبال جو پيغام نوجوانن تائين پهچائيندا آهيون. هن چيو ته نئين نسل جي تربيت لاءِ فڪر اقبال سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اقبال جي تعليم ۾ نوجوان نسل جي تربيت جي ??ڪر کي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
اقبال جو پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج