اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس، روس، ترڪيه، بلغاريه، بوسنيا، تاجڪستان، جاپان، چيڪ ريپبلڪ، ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل جي اعزازي ??ائونسل جنرلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي عالمي لاڳاپن ۽ واپار جي فروغ ۾ اعزازي ??ائونسل جنرلز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر دوست ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چي?? ته اعزازي ??ائونسل جنرلز پاڪستان جي صنعت ۽ واپار وارن ايوانن سان رابطا وڌائين، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صدر چي?? ته اعزازي ??ائونسل جنرلز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ