اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڪا??و ڏينهن ملهائڻ ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي. سڄي دنيا ۾ ۽ لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي ڪشميري 27 آڪٽوبر (جمعي) کي ڪاري ڏين??ن طور ملهائيندا. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارتي فوج غير ق??نوني طور تي سرينگر ۾ لٿي هئي جنهن والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن تي ڏاڍ ۽ جبر، قبضي، مظلوميت ۽ تسلط جو باب شروع ڪيو. هر سال 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏين??ن طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن ڀارت جي غير ق??نوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجن وعدن کي ياد ڪرائڻ آهي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا. ڪشمير ميڊيا سروس رپورٽ مطابق ان ڏينهن ڀارتي غير ق??نوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عوام طرفان مڪمل شٽر ڊائون ڪيو ويندو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينارز جو بندوبست ڪيو ويندو. ڪشميري عوام ۽ مهذب دنيا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جي علائقي تي حملي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي نريندر مودي جي قيا??ت هيٺ هندوتوا ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا