اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آه??، ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت کان پوءِ هاڻي معاشي طاقت بڻائڻو آه??، مشڪل معاشي فيصلن ذريعي لاٿ جو عمل رڪجي چڪ?? آه?? ۽ معيشت جي بحالي کان پوءِ هاڻي معيشت جي اوسر طرف وٺي وڃڻو آه?? ۽ ان کي ٻيهر دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻائڻو آه??. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ن??ڻي واري وزير چيو ته معاشي ترقي ۽ بجيٽ جا سمورا هدف قابل حاصلات ۽ عملي آ??ن. ??فاق ۽ صوبن جو ساليانو ترقياتي پروگرام تي حقيقي معنائن ۾ عمل ٿيو ته 3.5 سيڪڙو اوسر جو هدف آساني سان حاصل ڪري وٺنداسين. اسان جو بنيادي هدف 2017ع جي معاشي اهڃاڻن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ آه??. پگهارن ۾ واڌ بنيادي پگهار تي ايڊهاڪ رليف جي صورت ۾ ڏنو ويندو. هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح ۾ واڌ جو ڪو به ارادو ناهي. تازي ۽ پراسيسڊ کير تي ڪا به سيلز ٽيڪس لاڳو ناهي ڪئي وئي. دفاعي بجيٽ مجموعي قومي پيداوار جو 1.7 سيڪڙو آه??، جيڪو پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾وڌيڪ ناهي. ايئر فورس، دي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدم جاري آه??، ڪوشش آه?? ته جولاءِ تائين پهرين ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان واڪ ٿي وڃي. پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو. بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ڪوشان آه??ون. هر سال هڪ هزار ارب رپين جي سبسڊي ڀرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.
پاڪستان کي ايٽمي طاقت کان پوءِ هاڻي معاشي طاقت بڻائڻو آهي: سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان