اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اي??ان جو صدر سيد ابراهيم رئيسي سڀاڻي خميس 18 م??ي تي مند پشين بار??ر ڪراسنگ پوائنٽ تي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانسميشن لائين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پاڪ اي??ان گڏيل سرحد سان گڏ تعم??ر ڪئي ويندڙ 6 سرحدي مارڪي??ن مان هڪ مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس سرحد پار واپار کي وڌائڻ، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي لاءِ موقعن جون نيون راهون کولڻ جي لاءِ هڪ فروغ پذير پليٽ فارم فراهم ڪندي. اهڙي طرح پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين اي??ان کان 100 ميگاواٽ اضافي بجلي آڻي خاندانن ۽ ڪاروباري ادارن سميت خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل افتتاح ترتيبوار پاڙِسري صوبن بلوچستان ۽ سيستان ۽ بلوچستان جي رهواسين جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ۽ اي??ان جي مضبوط عزم جو مظهر آهي. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور تي پڻ ڪم ڪري ٿو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد ابراهيم رئيسي 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مختلف منصوبن جو گڏيل افتتاح ڪندا
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن