اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان جي مستقبل کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان روٽري فائونڊيشن جي وفد انٽرنيشنل پوليو پلس ڪميٽي جي سربراهه مائيڪ ميڪ – گورن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روٽري جي عهديدارن عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان روحيلا ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خ??تم?? لاءِ روٽري انٽرنيشنل ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. حڪومت پوليو جي خ??تم?? جي ورڪرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روٽري انٽرنيشنل پاران رهائشي منصوبن جي قيام جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پوليو جي ايندڙ مهم جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته روٽري انٽرنيشنل ۽ پوليو جي خ??تم?? لاءِ مهم جي لاءِ ٻين حصيدارن به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ملاقات ۾ عملدارن وزيراعظم کي ملڪ ۾ پوليو مهمن جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پوليو جي خ??تم?? لاءِ خصوصي مهم جي شروعات به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزيراعظم صحت واري قومي وزارت جي عملدارن کي به ايندڙ پوليو مهم جي خ??تم?? لاءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي.
پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی