جنيوا -04 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي با??ت وفاقي وزير شيري رحمان موسمياتي تبديلي کي جديد دور جو هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي، ته پاڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلي سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. حڪومت سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي متاثرن جي بحالي لاءِ ق??م کڻي رهي آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي، متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ به ق??م کڻڻا پوندا، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪس??ان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعاتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي ۾ پاڪس??ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن ۾ اسريل ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين جو چئلينج سامهون آهي، جديد دور جي مختلف چئلينجن مان موسميات تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪس??ان تمام خراب ريت متاثر ٿيو آهي، هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو هڪ واضح مثال آهي، پاڪس??ان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ سبب تباهي ٿي آهي، جنهن جو شمار صدي جي سڀ کان وڏي آفت ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب 1700 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪس??ان ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، اسان اڃا به ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهيون، بوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ق??م کڻي رهي آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ جي زراعت ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به لکين ماڻهو امداد جا منتطر آهن. اڃا به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ ق??م کڻڻا پوندا. پاڪس??ان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا کي اڳيان وڌڻو پوندو. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، پاڪس??ان اڪيلي سر ٻوڏ جي تباهڪارين کي نٿو منهن ڏئي سگهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي ق??م کنيا وڃن.
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي ڪئي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena