اسلام آباد – 24 R11; اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف ملڪ ۾ ??جل?? جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مئي جي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتا??ي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيرا??ظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ڪندي چيو ته عوام کي جيستائين ان عذاب مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي پيدا ڪيل تڪليف کان شهرين کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري قدمن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ اضافي ??جل?? جي وڏي مقدار فراهم ڪئي هئي، عمران خان ??جل?? جو هڪ به نئون يونٽ شامل نه ڪيو، نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو نه ڪارخانن جي مرمت ڪئي وئي. وزيرا??ظم چيو ته عمران حڪومت اسان جي دور جا سستا ۽ تيز ترين ??جل?? پيدا ڪندڙ پلانٽ بند ڪيا، مهانگي ۽ گهٽ ??جل?? ٺاهيندڙ ڪارخانا استعمال ڪيا ويا، ان ظلم جي قيمت قوم کي هر مهيني 100 ارب رپين جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته 6 ارب ۾ ??يل اين جي جو هڪ جهاز ملي رهيو هو اهو قوم کي 20 ارب ۾ پئجي رهيو آهي، عمران حڪومت جو اهو ظلم قوم کي هن سال 500 ارب کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي جي شعبي جي تباهي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات