اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مخالف ڌر پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز شريف کان ڊنل آهي، هو پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪ??ڻ لاءِ مريم نواز شريف جو نالو ڊان ليڪس جي معاملي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي ڌيءَ جي خلاف بي بنياد الزامن تي ٻڌل بيان بازي جو مقصد سندن سياسي ساک کي نقصان ??هچ??ئڻ آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ چائنه ڪلچر سينٽر جي افتتاحي تقريب ک??نپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مبينا ڌانڌلي خلاف ڌرڻي دوران تحريڪ انصاف جي قيادت مريم نواز کي نشانو بڻايو، پاناما ڪيس دوران به اهو ئي رويو اختيار ڪيو ۽ سندن هڪ سال ۽ 17 ڏينهن ميڊيا ٽرائيل ڪيو ويو ۽ هاڻي ڊان ليڪس رپورٽ اچڻ واري آهي پر مخالف ڌر ??ي پارٽين وري مريم نواز شريف خلاف ڪنهن ثبوت کانسواءِ الزام تراشي شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ خلاف بي بنياد الزامن تي ٻڌل بيان بازي جو مقصد سندس سياسي ساک کي نقصان ??هچ??ئڻ آهي تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي رحمت سان سپري?? ڪورٽ مريم نواز کي وزيراعظم جي زير ڪفالت ۽ لنڊن زمين جي مالڪ هجڻ ??ي پاڪستان تحريڪ انصاف جي دعويٰ کي رد ڪيو.
مخالف ڌر مريم نواز شريف کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر