غزه-17 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ اسرائيلي فوج طرفان اتر غزه جي 10 لک کان وڌيڪ رهواسين کي علائقو خالي ڪرڻ ج?? الٽيمٽم کانپوءِ هزارين فسلطيني غزه ۽ مصر جي سرحد تي واقع رفح ڪ??اسنگ تي گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل طرفان عدم تعاون سبب هي راهداري اڃان تائين ناهي کولي وئي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ سندس برطانوي هم منصب جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو رفح ڪ??اسنگ کي ٻيهر کولڻ لاءِ اسرائيل، مصر ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن پر گڏيل قومن چيو ته رفح ڪ??اسنگ کي ٻيهر کولڻ ج?? باري ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. مصري عملدار ان سلسلي ۾ اسرئيل تي عدم تعاون جو الزام لڳائيندي چيو ته هو غزه تي فضائي حملا مسلسل جاري رکيا آهن جنهن سبب غزه کان ٻاهر وڃڻ وارا سمورا رستا بند آهن. اسرائيلي فوج گذريل هفتي غزه جي ناڪابندي جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڻي، خوراڪ جي سپلائي بند ڪري ڇڏي هئي. سومر ڏينهن جنگ بندي جي اطلاعن تي غزه جا هزارين رهواسي ٻ??هر وڃڻ لاءِ رفح ڪ??اسنگ تي گڏ ٿي ويا تنهن هوندي به اسرائيلي وزيراعظم ۽ حماس ٻنهي جنگ بندي جي ترديد ڪئي جنهن سبب اهي ماڻهو اڃان تائين رفح ڪ??اسنگ تي ڦاٿل آهن. هي ڪراسنگ غزه مان نڪرڻ ج?? واحد امڪاني رستو آهي پر اسرائيلي غزه تي پنهنجي فضائي مهم شروع ڪرڻ کانپوءِ رفح ڪ??اسنگ پوائنٽ جي ڀرپاسي جي علائقن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا نشانو بڻايو آهي، آمريڪا ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شه??ين کي رفح ڪ??اسنگ ڏانهن وڃڻ ج?? سفارش ڪئي آهي جيڪي ان کي ٻيهر کولڻ لاءِ تيار آهن. مصر ۽ ٻين عرب رياستن جو چوڻ آهي ته هي ناقابل قبول هوندو ڇاڪاڻ ته هي فسطلينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ ج?? برابر هوندو، ٻئي پاسي غزه جي گهرو وزارت ٻڌايو ته خان يونس ۽ رفح ۾ واقع گهرن ک?? سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسرائيلي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste