اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هي هر پاڪستاني جي گڏيل ذميداري آهي ته هو ??اح??ل کي ??حف??ظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن هي مقدس ذميداري ايندڙ نسلن کي منتقل ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ??اح??لياتي ڏينهن جي موقعي ??ي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو سومر ڏينهن ملهايو ويو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح ??ي پاڪستان پيرس معاهدي جي توثيق ڪئي آهي ۽ ??اح??ل کي بچائڻ لاءِ سموري عالمي جدوجهد ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??اح??ل جي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد حقيقت ۾ هڪ گهري س??چ ويچار جو سبب آهي ڇو ته هي ڏينهن ماڻهن کي قدرت سان جوڙي ٿو ۽ ان جي حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ اسان کي آگاهي جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان به پنهنجي ذميدارين کان پوري طرح آگاهه آهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته اسان جي صنعتي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻي ترقي جا جيترا به منصوبا آهن اهي ??اح??ل دوست آهن، اسان سمورن ترقياتي منصوبن ۾ ??اح??ل تي اثرن جي مطالعي کي هڪ لازمي حصو بڻايو آهي، اسان تازن ڏينهن ۾ گرين پاڪستان سمورين صوبائي ۽ علائقائي حڪومتن ۽ عالمي ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو آهي، هي هڪ ??ڪم?? پروگرام آهي جنهن جو مقصد نه صرف اسان جي ??اح??ل کي ??حف??ظ ڪرڻ آهي جنهن ۾ ٻيلن ۽ جنگلي جيوت شامل آهي پر ان جو مقصد عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي ته ڪهڙي طرح هر پاڪستاني ان قومي جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري سگهي ٿو.
هر پاڪستاني ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا