ٽورنٽو – 4 نومبر (اي پيپي ) ڪينڊا جي وزيراعظم ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ ٿيل تشدد جي واقعي جي مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مط??بق ٽورنٽو جي علائقي بريمپٽن ۾ هندو سڀا مندر ۾ چڪريون ٿيون جنهن جو الزام ڪجهه سک ڪارڪنن تي ??ڳا??و ويو آهي. بريمپٽن ٽورنٽو ??ي اتر اولهه ۾ اٽڪل 50 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته هندو سڀا مندر ٻاهران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ريجنل پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي. ايڪس ??ي هڪ بيان ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا مندر ۾ تشدد جون ڪاروائيون قبول ڪرڻ جوڳيون نه آهن. ڪينيڊا جي هر شهري کي آزادي ۽ تحفظ سان پنهنجي عقيدي تي عمل پيرا ٿيڻ جو حق آهي. لبرل پارٽي جي هڪ ميمبر چندر آريا ان وقعي جو الزام خالصتانين تي ??ڳا??و آهي. هن ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ڪينڊا جي خالصتاني انتهاپسندن ريڊ لائن پار ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا ??ي اڱڻ ۾ هندو ڪينڊين عقيدت مندن تي خالصتانين جو حملو ظاهر ڪري ٿو ته ڪينيڊا ۾ خالصتاني پرتشدد انتها پسندي ڪيتري وڌي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ ويڊيو ۾ خالصتان جا ڦڪي رنگ جا جهنڊا ڏيکاريا ويا آهن، واضح رهي ته خالصتان هڪ عليحدگي پسند تحريڪ آهي، جيڪا سکن لاءِ هڪ الڳ رياست جو مط??لبو ڪري ٿي، ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ناتا هن وقت ڇڪتاڻ اختيار ڪري ويا آهن. جڏهن ته اوٽاوا ڀارتي حڪومت تي 2023ع ۾ 45 ورهين جي ڪينيڊا جي شهري هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي رٿابندي جو الزام ??ڳا??و، جيڪو خالصتان تحريڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. هرديپ سنگهه نجر جي قتل کان علاوه ڪينيڊا ڀارت تي اهو به الزام ??ڳا??و آهي، ته اهو سندن ڌرتي تي سکن کي نشانو بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي مهم هلائي رهيو آهي.
ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ تشدد جو واقعو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي: ڪينڊا جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔