گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ رهندڙ سک اڳ??اڻ جي قتل کانپوءِ گڏيل قو??ن ۾ ڀارتي پرڏيهي ??زير ايس جئه شنڪر ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ ميمبر رياستن تي زور ڀريندي چي?? ته هو دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ تشدد خلاف قدمن جو تعين ڪرڻ لاءِ سياسي سهولت جي اجازت نه ڏين. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جو ڌيان ڀارت جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس، عالمي معاملن ۾ ڀارتي قيادت جي ڪردار ۽ ڀارتي خلاباز جو چنڊ تي و??ڻ جهڙين ڪاميابين طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چي?? ته جڏهن اسان هڪ مڃيل طاقت بڻجڻ جي خواهش رکون ٿا ته هي ??نهنجي برتري لاءِ ناهي ??ر وڌيڪ ذميواري کڻڻ ۽ وڌيڪ تعاون ڪرڻ لاءِ آهي، هن چي?? ته اسان پنهنجي لاءِ جيڪي هدف مقرر ڪيا آهن اهي اسان کي انهن سمورن ماڻهن کان مختلف ڪندا جن جو عروج اسان کان پهرين هو. حقيقت ۾ گڏيل قو??ن ۾ ڀارت جي عادت آهي ته هو سڌو سنئون پنهنجي تنقيد تي ڳالهه ناهي ڪندو، ان ڏس ۾ ڀارتي پرڏيهي ??زير چي?? ته دنيا کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته سياسي سهولت دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ تشدد جي قدمن جو تعين ڪري ٿي.
سک اڳواڻ جو قتل: گڏيل قومن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان