اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ?? تيزي رفتاري تي ضابطو آڻي روڊ حادثن سبب ٿيل فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي. اها ڳالهه اي ڊي بي جي تازي رپورٽ ۾ چئي ??ئي آهي. رپورٽ ۾ رستن تي رفتار جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي ملڪن کي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ويو ته ??را??ري رفتار ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جي صورت ۾ ٽريفڪ حادثن جي شرح ۾ 4 سيڪڙو تائين جڏهن ته فوتگين جي شرح ۾ 3.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ 11 لک 90 هزار کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خط ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ روزانو 2 هزار کان وڌيڪ ما??هو زندگي جي بازي هارائي ??يندا آهن، رپورٽ ۾ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ رستن تي ??را??ري رفتار ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي ??ئي آهي. چيو ويو آهي ته خطي جي ڪيترن ئي ??لڪن ۾ شهري علائقن ۾ ??را??ري رفتار 50 کان 60 ڪلو ميٽر کان گهٽائي 40 ڪلوميٽر تائين ڪئي ??ئي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ??لڪن ۾ ان کي وڌيڪ گهٽ ڪري 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، رپورٽ ۾ رستن تي رفتار جي حوالي سان آگاهي ۽ انفورسمينٽ جي طريقن ۾ بهتري آڻڻ جي به سفارش ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو آهي.
ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ تيزي رفتاري تي ضابطو آڻي حادثاتي فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا