تل ابيب/غزه-11 آڪٽوبر (اي پي پي)اسرائيل گذريل 5 ڏينهن کان جاري فضائي حملن کان پوءِ هاڻي غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائيءَ جو اعلان ڪ??و آهي ۽ ان مقصد لاءِ 3 لک اسرائيلي فوجي غزه جي سرحد تي گڏ ٿي چڪا آهن. اسرائيل اڳ ئي غزه جو مڪمل گهيرو ڪري کاڌي پيتي، پاڻي، ٻارڻ ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي. الجزيره ۽ بي بي سي مطابق غزه جي عملدارن چ??و آهي ته علائقي کي بجلي فراهم ڪندڙ بجلي گهرن ۾ ڪجهه ڪلاڪن جو ٻارڻ رهجي و??و آهي، جنهن بعد ان بجلي گهر مان بجلي جي پيداوار مڪمل طور تي بند ٿي ويندي ۽ پورو علائقو اونداهه ۾ ٻُڏي ويندو. عملدارن مطابق هن وقت غزه ۾ وڏو الميو جنم وٺي ره??و آهي ۽ هتي جي رهواسين کي زندگيء?? جي ضرورتن جي شين تائي رسائي حاصل ناهي. اسرائيلي هٿياربند فوج جي ترجمان 3 لک ريزور فوجين جي غزه جي سرحد تي گڏ هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي فوج غزه جي علائقي بيت هانون ۾ گذريل رات دوران 80 هدف ۽ الفرقان ۾ 200 هدفن ??ي فضائي حملن جو نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪندي چ??و آهي ته ان ڪارروائيءَ دوران علائقي ۾ حماس ??ي فنڊز جي فراهمي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻن بئنڪن، حماس جي ٻن آپريشن ڪمانڊ سينٽرز، هڪ سرنگ ۽ غزه جي فضائي حدن ۾ جهازن جي نشاندهي ڪرڻ وارن مرڪزن کي تباهه ڪري ڇڏ??و آهي. اسرائيلي فوج چ??و آهي ته غزه ۾ جنگ ۾ تمام وڏي تيزي آندي ويندي ۽ اتي ا??تر?? تباهي ٿيندي ايندي جو اتان جا ماڻهو اهو برداشت نه ڪري سگهندا. آمريڪا جي قومي سلامتي جي مشير جيڪ سيلوان چ??و آهي ته سندس ملڪ غزه جي رهواسين کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ لاءِ اسرائيل ۽ مصر سان گڏ ڳالهيون ڪري ره??و آهي. هوڏانهن اولهندي ڪناري جي هزارين فلسطيني رهواسين غزه ۾ اسرائيل جي فضائي حملن خلاف احتجاج ڪ??و آهي. احتجاج ڪندڙن فلسطيني جهنڊي ۽ اسرائيلي فضائي حملن ۾ شهيد ٿيلن جون تصويرون کنيل هيون.
اسرائيل طرفان غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائيءَ جو اعلان، 3 لک ريزرو فوجي سرحد تي گڏ ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا