واشنگٽن-31 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ا??م ايف چيو آهي ته ماحولياتي تبديليءَ سان سڄي دنيا جي ڪمزور ملڪن ۾ تڪرار وڌڻ ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خطرو آهي. آءِ ا??م ايف جاري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جيتوڻيڪ صرف ماحولياتي تبديلي ئي نئين بدامني کي جنم نٿي ڏئي سگ??ي پر هو نمايان طور ٽڪراءُ کي وڌيڪ هوا ڏئي سگ??ي ٿي جنهن سان غربت، بُک ۽ لڏپلاڻ جهڙا مسئلا ۽ پيچيده ٿي سگ??ن ٿ??. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2060ع تائين مبينه ڪمزور ۽ ٽڪراءُ کان متاثر رياستون (ايف سي ايس) ۾ تڪرارن سبب ٿيل فوتگين ۾ 8.5 سيڪڙو اضافو ٿي سگ??ي ٿو، ج??هن ته گرمي پد ۾ انتهائي واڌ وارن ملڪن ۾ ٿيل فوتگيون 14 سيڪڙو تائين وڌي سگ??ن ٿيون. ورلڊ بئنڪ جي درجه بنديءَ مطابق 39 ملڪن ۾ تقريبن هڪ ارب ماڻهو رهن ٿ?? ۽ دنيا جي 43 سيڪڙو آبادي ايف سي ايس جي دائري ۾ اچن ٿ??. انهن ملڪن ۾ اڌ کان وڌيڪ آفريقي ملڪ آهن جيڪي ماحولياتي تبديلين جي غير مناسب بار جو شڪار آهن. آءِ ا??م ايف خبردار ڪيو آهي ته انهن ملڪن ۾ 2060ع تائين 50 ملين کان وڌيڪ ماڻهو خوراڪ جي کوٽ، پيداوار ۽ اناج جي قيمتن ۾ واڌ سبب بُک جو شڪار ٿي سگ??ن ٿ??. اداري چيو آهي ته ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ معاشي نقصان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ملڪن ۾ وڌيڪ شديد ۽ مستقل ٿيندا آهن. آءِ ا??م ايف هڪ ڌار بيان ۾ چيو آهي ته تمام ضروري ??هي ته ايندڙ هفتي ڪينيا ۾ ٿيندڙ پهرين آفريقي ماحولياتي سربراهي اجلاس ۾ جمع ٿيندڙ اڳواڻ ڪمزور ملڪن کي درپيش مسئلن جو حل تلاش ڪن. آءِ ا??م ايف پنهنجي بلاگ ۾ لکيو آهي ته هر سال ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور رياستن ۾ قدرتي آفتن مان ٽيڻ تي ماڻهو متاثر ٿي سگ??ن ٿ??. ڪمزور رياستن ۾ ايندڙ آفتون ٻين ملڪن جي آبادي ٻيڻ تي وڌيڪ خطي کي بي گهر ڪنديون آهن. آءِ ا??م ايف چيو ته 2040ع تائين انهن ملڪن کي سال ۾ 61 ڏينهن سراسري ??ور 35 ڊگري ??ينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي پد جو مُنهن ڏسڻو پئجي سگ??ي ٿو. جيڪو ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ آهي. انتهائي گرمي ۽ ان سان ماحولياتي تبديليءَ جا اثر انساني صحت کي خطري ۾ وجهي سگ??ن ٿ?? ۽ ان سان زراعت، تعميرات جهڙن اهم شعبن ۾ پيداواري ??لاحيت ۽ ملازمتن کي نقصان پهچندو.
ماحولياتي تبديليءَ سان سڄي دنيا جي ڪمزور ملڪن ۾ تڪرار وڌڻ ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خطرو آهي: آءِ ايم ايف رپورٽ
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena