ڪراچي – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي، حڪ??مت نه رڳو 10 هزار ميگاواٽ توانائي جا منصوبا شروع ڪيا پر انهن کي وقت سر مڪمل ڪيو، توانائي جي ڪيترائي منصوبا پڄاڻي جي ويجهو آهن، هاڻي بجلي وڏي مقدار ۾ ملي رهي آهي، حڪ??مت اهم قدم کڻندي گئس بحران تي ضابطو آندو، آمريت عوام کي ڊليور ڪر?? ۾ ??دائين ناڪام رهي ۽ آمراڻا دور ڪڏهن به ملڪ جي مستقبل جي مفاد ۾ ناهن رهيا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل لميٽيڊ (پي آءِ بي ٽي) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پي آءِ بي ٽي ملڪ جو ڪوئلي، ڪلنڪر ۽ سيمينٽ جي چرپر لاءِ پهرين ٽرمينل آ??ي جي??و پورٽ قاسم تي تعمير ڪيو ويو آ??ي جنهن تي 285 ملين ڊالر جي لاڳت آئي آهي ۽ هيستائين ڪوئلي جا 12 بحري جهاز لنگر انداز ٿي چڪا آهن. وزيراعظم جمهوريت جي حل ۾ فيصلو ڏيڻ تي پاڪستاني عوام کي ڪريڊٽ ڏيندي چيو ته ترقي جي سفر لاءِ جمهوري عمل جو تسلسل ضروري آهي.
ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا