لاهور – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته نبي آخرالزمان صه مسلمان امت کي اهڙو رستو ڏيکاريو جيڪو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهي، دنيا اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور آهي ته امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڻ صه جي نقش قدم تي هلندي ئي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي، قرآن مجيد سان گڏوگڏ ميثاق مدينه ۽ خطبه حجته الوداع اهڙا بهترين دستاويز آهن جن کان رهنمائي وٺي سمورا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، گذريل سالن دوران ملڪ ۾ اسلام جي نالي تي فساد پکيڙيا ويا، هڪ ٻئي جا گلا ڪاٽيا ويا، حڪومت ٽن سالن جي ڪوششن سان فساد جو در??از?? گهڻي حد تائين بند ڪري ڇڏيو، حڪومت قومي ??يادت، عالم سڳورن، فوج ۽ ٻين رياستي ادارن جي قربانين سان دهشتگردن جا مرڪز ختم ڪيا ويا آهن ۽ ه??ڻي اسان جي ڪوشش آهي ته انتهاپسندي جو در??از?? به بند ٿي وڃي، اهو ڪم حڪومت ??ان گڏوگڏ عالم سڳورن ۽ اهل دانش کي ڪرڻو آهي. هو مقامي ??وٽل ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”بين المذاهب هم آهنگي اسلامي تعليم ۽ اسوه رسول صه جي روشني ۾“ جي موضوع تي منعقد بين الاقوامي سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
نبي ڪريم صه مسلمان امت کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو رستو ڏيکاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis