نيويارڪ _15 آڪٽوبر (اي پي پي )آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس اسرائيل کان مطالبو ڪيو ??هي ته هو غزه ۾ ضرورت مندن لاءِ ا??ساني امداد تائين رسائي کي آسان بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪملا هيرس ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ لکيو ??هي ته گڏيل قومن اطلاع ڏنو ??هي ته اٽڪل ٻن هفتن کان غزه جي اتر پاسي جي علائقن ۾ خوراڪ جي بلڪل فراهمي ناهي ٿي. ان ڪري اسرائيل کي فوري طورتي ضرورت مندن لاءِ ا??داد جي فراهمي کي آسان بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. خطي ۾ شهرين ج?? تحفظ، خوراڪ، پاڻي ۽ طبي خدمتن تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت طرف اشارو ڪندي ڪملا هيرس عالمي انساني حقن ج?? احترام ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ??هي . گڏيل قومن ج?? ورلڊ فوڊ پروگرام طرفان 12 آڪٽوبر تي شايع ٿيل بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته غزه جي اتر طرف ويندڙ سموريون گذرگاهون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ پهرين آڪٽوبر بعد علائقي ۾ ڪا خوراڪ داخل ناهي ٿي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته غزه جي اتر پاسي خوراڪ جي ورڇ وارن هنڌن، تندورون ۽ بيڪرين کي فضائي حملن ۽ واپسي جي حڪمن ج??ڙن عملن سبب بند ڪرڻو پيو آهي.
اسرائيل غزه کي انساني امداد جي فراهمي آسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻي: ڪملا هيرس
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل