گڏيل قومون- 09 مارچ (اي پي پي) چين آمريڪا ۽ ٻين ملڪن تي زور ڀريو آهي ت?? هو افغان عو??تن ۽ ڇ??ڪرين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن. چيني خابرو اداري موجب آگسٽ 2021ع ۾ آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ آمريڪا افغان مرڪزي بئنڪ جا 9.5 بلين ڊالر جا اثاثا منجمند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان آمريڪي قدم کي ڪجهه ملڪن ڌاڙو هڻڻ جي برابر قرار ڏنو، گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گينگ شوانگ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته افغان عو??م جا سمنڊ پار اثاثا افغان عو??م لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته افغان اثاثن کي منجمند ڪرڻ بنا جواز ۽ غير قانوني آهي، افغان عو??تون ڪمزور برادري آهي جيڪا ڪيترائي سال جنگ ۽ بحران سبب وڌيڪ متاثر ٿي آهي، چيني نمائندي چيو ته عالمي رڪاوٽون ۽ پابنديون هٽائڻ کانسواءِ افغان عو??تن ۽ ڇ??ڪرين جي حقن ۽ مفادن کي تحفظ حاصل نٿو ڪري سگهجي. هن زور ڀريو ته هڪطرفيون پابنديون مقامي عو??تن ۽ ٻارن جي بقاءُ ۽ ترقي لاءِ شديد مشڪلاتن جو سبب بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن کي بنا دير ??ي ختم ڪرڻ گهرجي.
آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ افغان عورتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن: چين
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز