اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني کي خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي در??وا??ت رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي حوصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گهلڻ تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي در??وا??ت رد ڪندي در??وا??تگ??ار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳ?? ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن پرنسپل سيٽ تي در??وا??ت جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ ج??ٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. عدالت در??وا??ت کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڏيندي در??وا??تگ??ار عبدالقيوم خان تي 20 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. در??وا??تگ??ار عدالت آڏو دليل ڏنا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ در??وا??ت کڻي سپريم ڪورٽ آيو آهي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته توهان جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل در??وا??تگ??ار کي مشورو ڏنو ته هو پارليامينٽ ۾ وڃي ۽ قوم جي خدمت ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاليسيءَ جو معاملو آهي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران پي ٽي آءِ باني کي خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ