راولپنڊي- 22 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فو??سز جي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي علائقن ۾ آپريشن ??ور??ن 3 انتهائي گهربل دهشتگردن سميت 6 دهشتگرد ماريا ويا. ??ءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فو??سز بنون ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن ??ور??ن سيڪيورٽي فو??سز خوارجي جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 خوارج مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا. مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل خوارجي دهشتگرد سيڪيورٽي فو??سز خلاف ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۽ بي گناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪنهن به باقي رهجي ويل خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. ??ءِ ايس پي آر موجب 20 کان 22 نومبر 2024ع ??ور??ن بلوچستان ۾ ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 4 دهشتگردن کي ماريو ويو. آواران ۾ آپريشن ۾ انٽيلي جنس ??علومات جي بنياد تي آپريشن ??ور??ن فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ٻئي دهشتگرد هاءِ ويليو ٽارگيٽ هئا جن جي سڃاڻپ نياز عرف گهمن ۽ ظريف عرف شاهه جهان طور ٿي. ڊيره بگٽي ۾ آپريشن ??ور??ن هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو. ڪيچ ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپيرشن ??ور??ن هڪ ٻئي دهشتگرد کي ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۽ بي گناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. ??ءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فو??سز قوم سان گڏجي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
سيڪيورٽي فورسز جو بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي علائقن ۾ آپريشنز، 3 انتهائي گهربل سميت 6 دهشتگرد ماريا ويا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار