راولپن??ي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ??ي پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي گذري، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان ??ور شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي خطاب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ميري ٽائيم سائنسز ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ صنعت جي شعبي ۾ ترقي جي راهه هموار ڪندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان ??ي جي ڊي پي ۽ بحري شعبي جي ترقي لاءِ نوان ??ستا کوليندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ميري ٽائيم سائنس پارڪ آهي،هن پارڪ جو مقصد بحري ٽيڪنالاجيز، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائبر سيڪيورٽي، اوشن رينيوايبل انرجي، سي فوڊ پروسيسنگ، ج??از سازي ۽ سامونڊي سياحت سميت ڪيترن ئي شعبن کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ هڪ جديد تحقيقي ۽ ترقياتي مرڪز آهي جيڪو پاڪستان ??ي سامونڊي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب، پارڪ مختلف شعبن ۾ ترقي جي راهه هموار ڪندي: ايڊمرل نويد اشرف
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل