اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عالمي آرٽ نم??ئش??ن قومن جي وچ ۾ فنڪاراڻي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اها ڳالهه هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ عالمي شهرت يافته سريلنڪن مص??ر معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال راجي ساهيد جي پينٽنگ نمائش کي خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ثقافتي مٽاسٽا ۽ سوچ کي جنم ڏيندڙ فن پارن ۾ سريلنڪا جي متصورن معين ساهيد ۽ بلال راجي ساهيد جي ڪردار کي ساراهيو. هن معين ساهيد کي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي يادگار جي طور تي پاڪستان جي ڪنهن اهم تاريخي جڳهه تي هڪ پينٽنگ تيار ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. واضح رهي ته پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) تازو ئي عالمي شهرت يافته سريلنڪن مص??ر معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال راجي ساهيد جي شاندار پينٽنگز نمائش جي پڄاڻي واري مرحلي جي ميزباني ڪئي. نمائش کي پاڪستاني عوام، آرٽ جي شوقينن وسيع پئماني تي ساراهيو. معين ساهيد سريلنڪا جي قديم غارن ۽ جبلن تي لکيل ڪتبي جي موضوع تي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. پنهنجي تخليقن ۾ مشهور اپس??ا پينٽنگز جي عنصرن کي شامل ڪري هن ڏسندڙن جي دلين کي گهرائين تائين ڇُهيو. معين ساهيد لاه??ر ميوزيم جي مستقل ڪولڪيشنز جي لاءِ ميوزيم جي ڊائريڪٽ?? جنرل کي پنهنجي هڪ پينٽنگ پڻ پيش ڪئي. بلال راجي ساهيد جيڪو لنڊن جي رائل ڪاليج آف آرٽ مان گريجوئيٽ آهي، هن پنهنجي سريلنڪن ثقافتي سوچ ۽ مشاهدن کي منعڪس ڪندڙ فن پارن جي سيريز پيش ڪئي. پنهنجي نم??ئش?? کانسواءِ معين ساهيد ۽ بلال راجي ساهيد نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۽ پنجاب يونيورسٽي جي فنون لطيفه جي شعبي سميت ذڪر جوڳي ادارن ۾ ڪيترن ئي دلچسپ مباحثن جو پڻ اهتمام ڪيو. پي اين سي اي ۾ اها نمائش 20 آڪٽوبر 2024ع تائين جاري رهندي. ان دوران فنڪارن جي ڳالهه ٻولهه، سيشن ۽ ورڪشاپس پڻ منعقد ٿيندا.
عالمي آرٽ نمائشون قومن جي وچ ۾ فنڪاراڻي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس