اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز جي فلسطين کي باضابط?? رياست تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسپين جهڙي ملڪ جو فلسطين جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ عالمي منظرنامي تي هڪ مثبت اڳڀرائي ۽ خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پيڊرو سانچيز ۽ اسپين جي ماڻهن معصوم فلسطينين تي ا??را??يل پاران جاري تاريخي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غاصباڻي ارادن کي ان فيصلي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، رفح ۾ ا??را??يل جي اشتعال انگيز بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن جي جيتر?? به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ جاري ا??را??يلي نسل ڪشيءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي هڪ آزاد فلسطين ۽ بيت المقدس کي بطور ان جي گادي وارو شهر قائم ٿيڻ تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
وزيراعظم پاران اسپين جي وزيراعظم جي فلسطين کي باضابطا رياست تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ