اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته فلسطين ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندڙ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، جڏهن ته ان جي باوجود غ??ه جي عوام تي اسرائيل جي مڙهيل جنگ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، فلسطيني عوام کي بک ۽ ن??ل ڪشيءَ درپيش آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل تي زور ڀرين ته هو فلسطيني عوام جو قتل عام بند، غيرانساني گهيراءُ ختم ۽ غ??ه جي سمورن حصن ۾ انساني امداد جي اجازت ڏي. هن چيو ته عالمي برادري کي فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب القدس الشريف جي گادي واري شهر سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسطيني ر??اس?? قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ و??يڪ اضافو ڪرڻ گهرجي.
فلسطيني عوام کي بک ۽ نسل ڪشيءَ درپيش آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia