اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پنه??جو مدو پورو ڪندي ۽ عوام ۽ ملڪ کي درپيش مس??لا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پنه??جو مدو پورو ڪيو آهي ?? ايندڙ حڪومت به پنه??جو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته اهي ملڪي ترقي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنه??جو مثبت ڪردار ادا ڪن، عوام انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مس??لا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي حوالي سان ه?? چيو ته جيڪو به الزام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي. ه?? چيو ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چور?? ۽ ??انڌلين جا الزام لڳندا رهندا آهن.
ڌانڌلين جا الزام نئين ڳالهه نه آهي، هر چونڊ ۾ اهي الزام لڳندا آهن، معاملي کي لاڳاپيل فورم تي اٿاريو وڃي: سينيٽر نثار احمد کهڙو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل