اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقي??تي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن جي 37 اسڪيمن جي لاءِ 8000 ملي?? رپيا رکيا ويا آهن، انهن ۾ 31 جاري ۽ 6 نيون اسڪيمون شامل آهن، جاري اسڪيمن جي لاءِ 5500 ملي?? رپيا جڏهن ته نئين اسڪيمن جي لاءِ 2500 ملي?? رپيا رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ايندڙ مالي سال ۾ پي ڪيو آئي انيشي ايٽو تحت جاري منصوبي جي لاءِ ايس ايم ايز بابت سرٽيفڪيشن انسنٽيو پروگرام جي لاءِ 150 ملي?? رپيا رکيا ويا آهن. جاري پروگرام ڪمپيوٽر ريسرچ پروگرام جي لاءِ نئين مالي سال ۾ 190 ملي?? رپيا رکيا ويا آهن. نئين اسڪيمن ۾ معياري ٻج جي تياري ۽ آبادگارن کي فراهمي جي اسڪيم جي لاءِ 600 ملي?? رپيا، بلوچستان جي ضلع دڪي ۾ منرل ريسورس سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ 300 ملي?? رپيا، اين بي سي ڪوئيٽا ۾ خضدا?? سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بلاڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ 200 ملي?? رپيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي تحت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن جي 37 اسڪيمن جي لاءِ 8000 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ