اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت ۾ شامل پارٽين جي قائدين کي جدا جدا ٽيليفون ڪيو ۽ انهن کي ع??د جي مبارڪب??د ڏني. پي ايم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪيو ۽ کيس ع??د جي مبارڪب??د ڏني. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس ع??د جي مبارڪب??د ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي، بختار ۽ آصفه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل، (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، ايم ڪيو ايم جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو، ج??عي?? الحديث جي سربراهه پروفيسر ساجد مير ۽ ج??عي?? علماءِ پاڪستان جي سربراهه شاهه اويس نوراني کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ ع??د جي مبارڪب??د ڏني. وزيراعظم شهباز شريف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ ان کي ع??د جي مبارڪب??د ڏني. وزيراعظم شهباز شريف چئين گورنرز کي پڻ ٽيليفون تي ع??د جي مبارڪب??د ڏني. وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس ع??د جي مبارڪب??د ڏني. وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، اعظم خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پڻ ٽيليفون تي ع??د جي مبارڪب??د ڏني.
وزيراعظم پاران حڪومت ۾ شامل پارٽين جي قائدين کي جدا جدا ٽيليفون“ عيد جي مبارڪ ڏني
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری